لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي بيماري سبب هلڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.اِها ڳالهه پرويز الاهي جي وڪيل لاهور ۾ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج سردار اقبال ڊوگر جي سامهون ڪيس جي ٻڌڻي دوران چئي.ٻڌڻي دوران شريڪ جوابدار ۽ اڳوڻو پرنسپل سيڪريٽري محمد خان ڀٽي عدالت ۾ پيش ٿيو.اڄ پرويز الاهي جي وڪيل ميرٽ جي خلاف ڀرتين جي ڪيس ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي.وڪيل موجب چوڌري پرويز الاهي کي بيماري سبب هلڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.چوڌري پرويز الاهي جي پيش نه ٿيڻ سبب فرد جرم داخل نه ٿي سگهيو ۽ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي 18 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










