پرويز الاهي جي عمران خان سان ملاقات، اسمبلي ٽوڙڻ جي خاطري

پرويز الاهي جي عمران خان سان ملاقات، اسمبلي ٽوڙڻ جي خاطري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي حڪم تي پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ ۾ دير نه ڪئي ويندي.سندس اهڙو بيان عمران خان سان لاهور جي زمان پارڪ واري رهائشگاهه تي ملاقات کانپوءِ سامهون آيو. ان موقعي تي اڳوڻو بچاءُ وارو وزير پرويز خٽڪ، پاڪستان مسلم ليگ (ق) جا اڳواڻ مونس الاهي ۽ حسين الاهي به موجود هئا. الاهي پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت جي ڪري اقتدار ۾ آهي، جنهن جي چيئرمين ”ڪرپٽ نظام ڇڏڻ ۽ سموريون اسيمبليون ڇڏڻ“ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ اڃا تائين پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو. هفتي جي آخر ۾، الاهي هن قدم جي حوالي سان ڪنهن به مزاحمت جي خدشات کي رد ڪري ڇڏيو، هن تسليم ڪيو ته سندس حڪومت عمران جي قرضدار آهي ۽ هن جي هدايتن تي فوري طور تي هو اسمبلي ٽوڙڻ جو پابند هوندو. عمران سان اڄوڪي ملاقات کانپوءِ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ الاهي ان ئي ڳالهه کي ورجايو ۽ چيو ته جڏهن عمران خان چيو ته اسمبلي ٽوڙڻ ۾ هڪ لمحو به دير نه ڪندو. هن چيو ته صوبائي اسمبلي عمران خان جي آهي. عمران خان جي هر فيصلي جي حمايت ڪنداسين. اسان انهن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا جن کي اسان پاڻ سان اتحاد ڪرڻ جو انتخاب ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو