پروموشن آرڊر ورهائڻ جي تقريب، ملازمن ۾ خوشي جي لهر

پروموشن آرڊر ورهائڻ جي تقريب، ملازمن ۾ خوشي جي لهر

گهارو(رپورٽ بشام جوکيو) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير صوبائي ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي هدايتن تي ڪراچي واٽر بورڊ انتظاميا پاران سينيئر ملازمن کي مقرري جي قاعدن ۽ ضابطن تحت ترقيون ڏئي ڇڏيون .ان سلسلي ۾ پروموشن ليٽرز ورھائڻ جي تقريب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن ضلعي ٺٽي ۾ منعقد ڪئي وئي، تقريب جا مھمان خاص وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ انجينئر اسدالله خان ھئا، جڏھن تہ تقريب ۾ ڊي.ايم.ڊي ايچ آر ڊي شعيب تغلق، ڊي ايم ڊي آر آر جي محمد ثاقب ،چيف انجنيئر اليڪٽريڪل مڪينيڪل انتخاب احمد راجپوت، انجنيئرز آفيسرز ايسوسيئيشن جو صدر ۽ اسٽاف آفيسر ٽو وائيس چيئرمين نديم ڪرماڻي، اسٽاف آفيسر ٽو ايم ڊي موهن لال، محمد امين تغلق، بدرالحق شيخ، اقبال پليجو، اعجاز بليدي، اشفاق نبي پليجو، ڪليم اختر، نديم عزيز، محمد علي پليجو، لياقت مگسي، سيد محسن رضا، ارشاد خان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، تقريب جي موقعي تي انجنيئرز آفيسرز ايسوسيئيشن جي صدر نديم ڪرماڻي خطاب ڪندي چيو تہ اڄوڪو ڏينهن واٽر بورڊ ملازمن جي لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي، هن جو چوڻ هو تہ سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ جي ذاتي دلچسپي ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان اڄ ملازمن کي ڊي پي سي-II تحت ترقيون مليون آهن، ڊي ايم ڊي ايڇ آر شعيب تغلق چيو تہ آئوٽ اسٽيشن جي ملازمن کي پنھنجو حق مليو آهي، سي بي اي چيئرمين ارشاد خان چيو تہ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ جي ڪوششن جي نتيجي ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي ڊي پي سي ٿي آهي، پيپلز ليبر يونين جي صدر لياقت مگسي چيو تہ رٽائرڊ ۽ سينيئر ملازمن جي ٻارن کي مستقل بنيادن تي نوڪريون ڏنيون وڃن، پيپلز ليبر يونين جي جنرل سيڪريٽري سيد محسن رضا خطاب ڪندي چيو تہ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن اداري جي ريڙھ جي هڏي آهي، هن وائيس چيئرمين ۽ ايم ڊي واٹر بورڈ کان مطالبو ڪيو تہ ايڊهاڪ ملازمن کي بحال ڪيو وڃي.

تقريب جي موقعي تي ايم ڊي واٽر بورڊ انجينئر اسدالله خان خطاب ڪندي چيو تہ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي هدايتن ۽ ڪوششن سان اڄ اسان اهم ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، هن چيو تہ اڄ کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي تہ واٽر بورڊ ملازمن جو اهم مسئلو حل ٿي ويو آهي، هن چيو تہ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن واٽر بورڊ جي دل آهي ڇو جو ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن ڪراچي شهر کي پاڻي فراهم ڪري ٿو، ۽ هتي جو عملو سڄو سال مسلسل پنهنجون خدمتون سرانجام ڏي ٿو، ھن وڌيڪ چيو تہ ڪراچي شهر ۾ پاڻي فراهمي و نيڪالي ۽ ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ منهنجي اولين ترجيح ۾ شامل آهي، تقريب جي مھمان خاص وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم پنھنجي خطاب ۾ چيو تہ الحمدالله واٽر بورڊ انتظاميا ملازمن کي ڊي پي سي-II تحت شفاف طريقي سان ترقيون ڏئي پنھنجو واعدو پورو ڪري اڄ اھم ڪاميابي ماڻي ورتي آهي ۽ انشاءالله مستقبل ۾ واٽر بورڊ انتظاميا پنھنجي آفيسرن ۽ ملازمن جي فلاح ۽ بهبود جي ٻين منصوبن کي تڪميل تائين پهچائيندي. واٽر بورڊ جي ترجمان عبدالقادر شيخ ٻڌايو ته آخر ۾ ترقي ماڻيندڙن ملازمن پاران مڪاني ادارن واري صوبائي وزير، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ جو شڪريو ادا ڪندي آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو