پرنٽ ميڊيا جا جائز مسئلا جلد حل ڪيا ويندا، شرجيل

پرنٽ ميڊيا جا جائز مسئلا جلد حل ڪيا ويندا، شرجيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): آل پاڪستان نيوز پيپرس سوسائٽي جي ھڪ ٻھ رڪني وفد ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ اي پي اين ايس جو صدر سينيٽر سرمد علي ۽ سيڪريٽري جنرل محمد اطھر قاضي شامل ھُئا. اي پي اين ايس جي عھديدارن سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي اخباري صنعت کي درپيش مسئلن بابت آگاھ ڪيو ۽ وفد پرنٽ ميڊيا جي حُجم ۾ اضافي، علائقائي ۽ لساني پريس جي اھميت تي زور ڀريو. ان موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته سنڌ سرڪار صحافت جي آزادي ۽ اخبارن جي ڪردار جي معترف آھي، پرنٽ ميڊيا معاشري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ جعلي خبرن خلاف عوام کي درست معلومات فراھم ڪرڻ ۾ اھم حيثيت رکي ٿي. ھن چيو ته سنڌ سرڪار اخباري صنعت جا سمورا جائز مسئلا اوليتي بنيادن تي حل ڪندي، اخباري صنعت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل کاتن کي ھدايتون جاري ڪيون وينديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو