پرديدار عورت آهيان، مڙس کان سواءِ پيشي لاءِ نه ايندس: بشريٰ

لاهور: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي القادر ٽرسٽ جي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ نيب طرفان طلب ڪرڻ جي تاريخ کي اڳيان وڌائڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.بشريٰ بي بي کي نيب طرفان القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ بطور گواهه اڄ طلب ڪيو ويو هو. اڳوڻي وزيراعظم جي گهر واري 7 جون جي بجاءِ 8 جون تي بيان قلمبند ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.بشريٰ بي بي چيو آهي ته منهنجي طلبي واري ڏينهن ئي منهنجي مڙس کي به گهرايو ويو آهي. هن اوهان کي آگاهه ڪيو آهي ته اهو 8 جون تي پيش ٿيندو. مان پرديدار عورت آهيان، گذريل ٻڌڻي تي به مڙس سان گڏ آئي هئس. 8 جون تي پنهنجي مڙس سان گڏ پيش ٿيندس. اڳوڻي خاتون اول پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو آهي ته عدالتي حڪم موجب جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پڪيون شاهديون ڏنيون وڃن، مون وٽ اين سي اي ۽ بحريه ٽائون معاهدي جي ڄاڻ نه آهي. ٽرسٽ کي زمين، رقم عمارت ۽ ٻئي امداد ڊونيشن ايگريمينٽ جي تحت ملي.بشريٰ بي بي ٻڌايو ته بي ٽي ايل القادر ٽرسٽ کي ڊونيشن 24 مارچ 2021ع تي ڏنو. ڪاغذن جي ڪاپي القادر ٽرسٽ جي چيف فنانشل آفيسر سي آءِ ٽي کي ڏئي چڪي آهيان. القادر يونيورسٽي هڪ ٽرسٽ آهي ان سان ڪنهن شخص يا ٽرسٽيز کي ڪوبه فائدو نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي دستاويز مون کان گهريا ويا اهي القادر ٽرسٽ جي سي ايف او وٽ آهن. القادر ٽرسٽ جون سموريون شيون سيڪريٽري ڏسندو آهي. منهنجو بيان 8 جون تي رڪارڊ ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو