پراڻو نصاب ختم، وفاقي تعليمي بورڊ پاران نئون نصاب جاري

پراڻو نصاب ختم، وفاقي تعليمي بورڊ پاران نئون نصاب جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي تعليمي بورڊ پراڻو نصاب ختم ڪندي نئون گڏيل نصاب 2024 لاڳو ڪري ڇڏيو. وفاقي تعليمي بورڊ جي نوٽيفڪيشن موجب ميٽرڪ ۽ انٽرميڊئيٽ جي شاگردن لاءِ نئون نصاب فوري طور لاڳو ٿيندو، نئون نصاف بورڊ جي فيڊرل ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجي ٿو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته نئون نصاب جديد گهرجن موجب تيار ڪيو ويو آهي، جنهن سان شاگردن جي علمي ۽ ذهني صلاحيتن ۾ واڌ ٿيندي. ان کانسواءِ سڀني تعليمي ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته نئون نصاب فيڊرل بورڊ سان جڙيل سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ لاڳو هوندو، سمورا لاڳاپيل اسڪول ۽ ڪاليج فوري طور عمل ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو