پرامن آهيون، هٿ چراند ٿي ته ڀرپور جواب ڏبو، قادري

ڏهرڪي(رپورٽ اسد غفور ڀٽو)مهر گروپ کي وڏو سياسي جهٽڪو. ڀرچونڊي شريف جي گادي نشين مهر گروپ سان قائم اڌ صدي جو سياسي رشتو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڀرچونڊي ۾ پير عبدلخالق قادري پاران ٻيهر ڪٺ گهرائي ان جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي پير صاحب چيو ته هاڻي اسين سردار محمد بخش خان مهر سان گڏ ٿيڻ جو اعلان ڪريون ٿا. ڪٺ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان صوبي جي مريدن شرڪت ڪئي. ڪٺ کي خطاب ڪندي ميان عبدالخالق قادري چيو ته ,اسان جو 47 سالن جو سياسي سفر مهر سردارن سان رهيو، پر ميان مجن واري شادي بعد علي گوهر مهر ۽ ان جي ماڻهن جيڪا ٻولي ڳالهائي,هاڻي علي گوهر مهر سان نه پر اسان جو سياسي سفر به محمد بخش مهر سان هوندو , هن وڌيڪ چيو ته علي گوهر مهر اسان ڏانهن وڊيو لنڪ ذريعي ڌمڪي ڏياري موڪلي پر اسين سمجهون ٿا ويڙهه مسئلن جو حل ناهي هوندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان پرامن آھيون ,جيڪڏهن ڪا هٿ چراند ڪئي ويئي ته اسان جي جماعت ڀرپور جواب ڏيندي.ياد رهي ته سندس فرزند سردار محمد بخش خان مهر جي ڀيڻ سان سادگي سان ڪراچي ۾ شادي ڪئي. جنهن تي علي گوهر خان ۽ سندس حامين اعتراض ڪيو هو. سندس حامي ڀرچونڊي جي گادي وارن کي سوشل ميڊيا تي گهٽ وڌ به ڳالهائين پيا جنهن بعد علي گوهر خان کين منع ڪئي هئي ته ڪو به ان معاملي تي تنقيد يا تبصرو نه ڪري، محرم جو مهينو آهي وڌيڪ معاملي تي بعد ۾ غور ڪيو ويندو. سندس ڪجهه حامين اهو مطالبو به ڪيو هو ته مهرن جي سرادري جي پڳ علي گوهر پاڻ ٻڌي.

پهنجو تبصرو موڪليو