اسلام ڪوٽ( ن سنڏيار)پاڻي ڏيو،بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر بحال ڪريو،تفصيل موجب:اسلام ڪوٽ جي ڪنڀار پاڙي جو بجلي جو ٽرانسفارمر گذريل چار ڏينهن اڳ سڙڻ بعد بجلي بحال نه ٿيڻ توڙي پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف ڄاڻايل پاڙي جي رهواسين خميسو ڪنڀار ابراهيم ڪنڀار حبيب الله فاروق اڪبر فدا مهراڻپوٽو شڪيل خاصخيلي جيوت لوهاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪنڀار پاڙي کان ٽائون موڙ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت ناري بازي ڪندي دانهيندي ٻڌايو ته اسان جي پاڙي ۾ لڳل بجلي جو ٽرانسفارمر چار ڏينهن اڳ سڙي ويو آهي داهڻ باوجود واپڊا جي اختيارين سڙيل ٽرانسفامر تبديل نه ڪيو چار ڏينهن کان سخت گرمي باوجود اسان جي بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي معصوم ٻار گرمي ۾ تڙپي رهيا آهن پر انتظاميه سميت ذميوار عملدار اگهور ننڍ ستا پيا آهن ڪنهن کي ڪو رحم نٿو پوي هنن چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب ٻن مهينن کان مٺو پاڻي نه مليو آهي ٽانڪن تي مقرر بااثر ملازم پاڻي وڪرو ڪري ڇڏي ٿو رهواسين کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي بجلي نه هئڻ سبب ته محلي جي سوين رهواسين کي ٽي ڏينهن کان کارو پاڻي جي سپلاء به نه ٿي سگهي آهي گهرن ۾ ايترو پاڻي نه آهي جو وهنجي سگهون هر روز پنج سئو روپين جو پاڻي خريد ڪريون ٿا غريب پورهيت طبقو ته عذاب ۾ اچي ويو آهي مزدور ويچارو دهاڙي پنج سئو ڪمائي ٿو هو ٻچن جو پيٽ گذر ڪري يا پاڻي خريد ڪري هتي انتظاميه نالي ڪا شيء ناهي شهر صفا لاوارث بڻجي ويو آهي ڪير پڇڻ وارو نه آهي پاڻي جون سموريون اسڪيمون هڪ من پسند بااثر ملازم جي حوالي ٿيل آهن هن جي مرضي آهي جڏهن شهرين کي پاڻي ڏي ٻه ٻه مهينن کان پاڻي پيئڻ لاء نٿو ملي چونڊيل نمائينده به خاموش آهن هنن چتاء ڏيندي چيو رات تائين بجلي بحال نه ٿي ته اسين واپڊا جي گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي ويهنداسين










