پاڻي گھٽائي سنڌ کي تباهه ڪيو پيو وڃي،يوسف ٽالپر

ڪنري (ن سنڌيار) پاڻي بابت قومي اسيمبلي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر چيو آهي ته سنڌ تباھ، بنجر ۽ ويران ٿئي پئي، سنڌ سان زيادتي آھي، بلاول صاحب سنڌ پنجاب جي بارڊر تي ڌرڻي جي تياري ڪن، ڪنري ڀرسان ڳوٺ مانجھاڪر ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو آهي ته سنڌ جو پاڻي گھٽائي سنڌ کي تباھ ۽ بنجر بڻايو ويو آھي، 91 جي ٺاھ تي پاڻي ورھاست تي عمل ڪرايو وڃي، سنڌ کي 15 کان 17 سيڪڙو پاڻي گھٽ ڏنو پيو وڃي جيڪا وڏي زيادتي آھي، سنڌ ويران ۽ بنجر بڻجي رھي آھي، اسان کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي، پاڻي ورھاست ۾ وڏي بديانتي ڪئي پئي وڃي، هن چيو آهي ته سنڌ اندر پاڻي جي ورھاست تي افسوس آھي جيئن پنجاب منڍ ۾ آھي ۽ پاڻي مڪمل کڻي ٿو اسان وٽ شاخن ۽ واھن ۽ بئراجن تي اهائي صورتحال آھي ته جيڪي منڍ وارا پاڻي مڪمل کڻن ٿا ۽ پوڇڙي وارا سوڪ کي منھن ڏين ٿا، سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ نمائندا پاڻي جي ورھاست بھتر ڪرائن ته جئين ڪنھن جو حق نه مارجي، نواب يوسف ٽالپر چيو آهي ته مان وزيراعظم کي خط به لکيو آھي پر ان وقت سنڌ جو نمائندو ۽ ارسا ڇو خاموش ھئي، جڏھن فيبروري ۾ پاڻي کُليو ۽ پاڻي جي ضرورت ھوندي آھي، مارچ مھيني ۾ تربيلا ۾ ھڪ ملين ايڪٽر پاڻي گڏ ٿيندو آھي، اهو به پاڻي بجلي جي استمعال ۾ ختم ڪري ڇڏيو، ھاڻ جڏھن پاڻي ٺھي تيستائين تربيلا ڊيڍ ليول تي آھي. پاڻي جي کوٽ برابري جي بنياد تي ھئڻ کپي، فيصلو ٿيڻ کپي ته تربيلا جو پاڻي مارچ مھيني ۾ ڇو نڪتو، غير ذميوارن خلاف ايڪشن ٿيڻ کپي، ٻيو اهو ته سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي پيو اهو گھٽ ڇو ملي پيو، هن چيو آهي ته پارٽي چيئرمين بلاول کي تجويز ڏني آھي ته سنڌ پنجاب جي بارڊر تي اوٻاوڙو وٽ تاريخي ڌرڻو ھنيو وڃي، جھڙي ريت بينظير ڀٽو ڪالا باغ ڊيم خلاف ڌرڻو ھنيو ھو. چيئرمين به ڌرڻي جي تياري ڪئي، هن چيو آهي ته ڌرڻي جي باوجود به 91 ٺاھ جي فيصلي تي نٿا اچن تي پوءِ ٻيا آپشن موجود آھن. ۽ ان سان سنڌ پنجاب پاڻ ۾ ان جھيڙي سان تمام پري پئجي ويندا ۽ فيڊريشن کي نقصان ٿيندو ۽ ھن وقت سنڌ ۾ آڳاٽي خريف آھي ته پنجاب پاڻي نه کڻي ۽ اها سنڌ کي ڏين ۽ جيڪا کوٽ آھي اها ختم ٿي سگھي ۽ پوکائي ٿي سگھي. هن چيو آهي ته سنڌ جي ڪچي ۾ جاري ڌاڙيل راڄ جي جانچ ٿيڻ کپي ته اهي ھٿيار داڙيلن کي ڪنھن ڏنا، انھن وٽ ڪئين پھتا جيڪي جديد ھٿيار پوليس وٽ به ناهن، عوام ڏٺو ھوندو ته داڙيل فيڪٽر چپ ھوندو آھي ۽ جيڪڏھن ڪي چاھن ٿا داڙيل اشو اٿي ته ان جي ڳولا ڪرڻ کپي ته اهو ڪير ٿا چاھن ۽ ڇو اٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو