پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو مختلف هاءِ ويز تي ڌرڻو

پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو مختلف هاءِ ويز تي ڌرڻو

ڳڙهي ياسين (ن س): ڳڙهي ياسين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، جنهن خلاف آبادگارن شڪارپور-لاڙڪاڻو انڊس هاءِ وي تي ڪرن ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.مظاهرين پاران پاڻي جي کوٽ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ ”پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا“ جا نعرا هنيا ويا.آبادگارن جي ڌرڻي سبب شڪارپور-لاڙڪاڻو انڊس هاءِ وي تي ٽريفڪ جي رواني معطل ٿي وئي، جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون.ان موقعي تي آبادگارن ۽ ٻين احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳڙهي ياسين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار هجڻ سبب فصلن کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي، جڏهن ته ساريالي فصل جو ٻج به پاڻي نه ملڻ سبب سڙي رهيو آهي.آبادگارن جو چوڻ هو ته سندن گذر سفر جو دارومدار ساريالي فصل تي آهي، پر پاڻي جي کوٽ سبب زمينون آباد ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي ۽ کين معاشي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي کوٽ جو فوري نوٽيس وٺي ڳڙهي ياسين ۽ ڀرپاسي جي واهن ۽ شاخن ۾ مناسب پاڻي فراهم ڪيو وڃي، جيئن آبادگار پنهنجون زمينون آباد ڪري سگهن ۽ فصلن کي تباهي کان بچائي سگهجي.آبادگارن خبردار ڪيو ته پاڻي جي فراهمي جو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو