پاڪ فوج جي سمورن جرنيلن پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ مهيني جي پگهار ڏيڻ جو اعلان

پاڪ فوج جي سمورن جرنيلن پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ مهيني جي پگهار ڏيڻ جو اعلان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪراچي پهچي ويو آهي، کيس سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڪيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سنڌ ۽ بلوچستان ۾ امدادي ڪيمپس جو دورو ڪندو، ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن ۾ مصروف پاڪ فوج جي جوانن سان ملاقات به ڪندو آءِ ايس پي آر موجب آرمي فلڊ رليف سينٽر هيڊ ڪوارٽر آرمي ايئر ڊفينس ڪمانڊ راولپنڊي ۾ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ملٽري آپريشنز ڊائريڪٽوريٽ جي سهڪار سان سڄي ملڪ ۾ امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري سگهجي آءِ ايس پي آر موجب ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ملڪ جي مختلف حصن ۾ رليف سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، سينٽرز جو مقصد ماڻهن کي کاڌ خوراڪ پهچائڻ، ريسڪيو ڪرڻ ۽ ٻيون رليف سهولتون ڏيڻ آهي آءِ ايس پي آر موجب فوجي جوان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن، ٻوڏ متاثرن کي پناهه، کاڌو ۽ طبي امداد فراهم ڪري رهيا آهن ٺٽي ۾ 60 خاندانن لاءِ خيما اڏيا وي آهن، ننگرپارڪر، بدين، ٺٽو، سجاول، سانگهڙ، ڄامشورو، ميرپورخاص ۽ دادو ضلعي ۾ ٻوڏ متاثرن کي راشن ۽ امدادي سامان فراهم ڪرڻ لاءِ فارورڊ بيس اڃا به ڪم ڪري رهيا آهن فوجي ترجمان موجب ٽنڊي الهيار ۽ مٽياري ۾ فارورڊ بيس قائم ڪيا ويا آهن، موبائل ميڊيڪل ٽيمون ڏورانهن علائقن ۾ طبي سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن، ڪوٽڏيجي سميت خيرپور جي مختلف علائقن ۾ جوانن راشن به ورهايو

پهنجو تبصرو موڪليو