ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي پائلٽ اڀينندن چيو آهي ته پاڪ فوج جي بهادري مان تمام گهڻو متاثر ٿيس، امن ناهي هوندو ته جنگ ٿيندي آهي، اسان کي خبر ناهي ته ڪشميرين سان ڇا ٿي رهيو آهي، ڪشمير مامري تي سڪون سان سوچڻو پوندو.اهڙو اظهار پاڪ فوج طرفان 27 فيبروري 2019ع تي آپريشن سوئفٽ رِٽارٽ دوران گرفتار ٿيل ڀارتي پائليٽ اڀينندن جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته فضا کان ٻنهي ملڪن ۾ ڪوبه فرق نظر نه آيو، پيراشوٽ مان ڪرڻ بعد خبر نه هئي ته پنهنجي ملڪ ۾ آهيان يا پاڪستان ۾ آهيان، ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪجهڙا نظر اچي رهيا هئا، ماڻهو مون کي پڪڙڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته پاڪ فوج جي 2 جوانن بچائي ورتو ۽ پنهنجي يونٽ ۾ وٺي ويا، جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ اُتي مون کان جاچ ٿي، ياد رهي ته ٻه سال اڳ 27 فيبروري تي پاڪستان ڀارتي پائليٽ جو جهاز ڪيرائڻ بعد گرفتار ڪيو هو ۽ بعد ۾ خير سگالي طور آزاد ڪري ڇڏيو هو.










