پاڪ فوج بابت ڀارتي پرڏيهي وزير جو بيان گمراهه ڪندڙ آهي

پاڪ فوج بابت ڀارتي پرڏيهي وزير جو بيان گمراهه ڪندڙ آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان آچر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ايس جي شنڪر طرفان پاڪستاني فوج بابت ڏنل بيان جي مذمت ڪندي انکي”انتھائي اشتعال انگيز، بي بنياد ۽ غير ذميوار” قرار ڏيندي رد ڪيو آهي. ترجمان چيو آهي ته سندس بيان گمراه ڪندڙ آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو اهو بيان جي شنڪر جي ڏنل بيان کان هڪ ڏينهن پوءِ جاري ٿيو آهي، جنهن م ڀارتي پرڏيهي وزير دعوا ڪئي هئي ته ڀارت جا بنيادي چيلنجز پنهنجي پاڙيسري ملڪ سان سڌي طرح پاڪستان جي فوجي ادارن کان پيدا ٿيندا آهن.
ترجمان پنهنجي ردعمل ۾ واضح ڪيو ته پاڪستان هڪ ذميوار رياست آهي، ۽ ان جا سڀ ادارا، جن ۾ فوج پڻ شامل آهي، قومي تحفظ جا ستون آهن، جيڪي ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حفاظت ڪرڻ ۾ مخلص آهن.
ترجمان، بيان ۾، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مئي ۾ ٿيل ڪجهھ ڏينهن جي جهڙپن ۽ ڇڪتاڻ ڇڪتاڻ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ان مان “پاڪستان جي فوج جي پيشوراڻي صلاحيت ۽ انهن جي وطن ۽ پاڪستان جي عوام کي ڪنهن به ڀارتي جارحيت کان بچائڻ لاءِ جي عزم کي واضع طور تي ثابت ڪيو”. “ڪابه پروپيگنڊا هن سچائي جو انڪار نٿي ڪري سگھي.”
ترجمان چيو ته ڀارتي قيادت جي پاڪستان جي رياستي ادارن ۽ قيادت کي بدنام ڪرڻ وارييون ڪوششون “هڪ پروپيگنڊا مهم” آهي، جنهن جو مقصد ڀارت جي علائقائي ۽ عالمي سطح تي بيچيني پيدا ڪندڙ قدمن ۽ پاڪستان ۾ رياستي اسپانسرڊ ٿيل دهشت گردي تان ڌيان هٽائڻ آهي.
“اهڙي قسم جي اشتعال انگيز بيانن مان صرف ڀارت جي اسان جي علائقي ۾ دوستي، امن ۽ استحڪام جي عدم لحاظ جو اظهار ٿئي ٿو.”
بيان ۾ چيو ويو ته “ڀارت کي پاڪستان جي فوجن بابت گمراهه ڪندڙ بيان ڏيڻ جي بدران، ان کي هندوتوا جي فاشسٽ ۽ نظرثاني ڪندڙ خيالن جي تحقيق ڪرڻ گهرجي، جنهن ڪري ماڻهن جو انصاف، قتل، غير قانوني حراست ۽ عبادتگاهن ۽ ملڪيتن جي تباهي جو هڪ نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿي چڪو آهي.”
ڀارتي رياست ۽ قيادت ٻئي”مذهب جي نالي ۾ هن دهشت گردي جا يرغمال بڻجي ويا آهن.” بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته “پاڪستان جيو ۽ جيئڻ ڏيو، ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي يقين رکندو آهي. تنهن هوندي به، اهو پنهنجي مفادن ۽ خودمختياري جي حفاظت ڪرڻ ۾ پختو ۽ مضبوط آهي.”

پهنجو تبصرو موڪليو