راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فضائيه جو تربيتي جهاز پنڊي گهيپ لڳ مڪيال ڳوٺ وٽ فني خرابي سبب ڪري تباهه ٿي ويو آهي. پائلٽ بحفاظت جهاز مان پيرا شوٽ ذريعي نڪري ويو . ريسڪيو ۽ سيڪورٽي ايجنسيز جاءِ واردات تي پهچي ويون آهن.ايئر فورس جي ترجمان موجب ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. ياد رهي ته هلندڙ سال هي پنجون جهاز ڪريو آهي.










