پاڪ افغان سرحد تي 29 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ جي تصديق

پاڪ افغان سرحد تي 29 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ جي تصديق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جي تازن واقعن کانپوءِ پاڪ افغان سرحد تي انٽيليجنس آپريشن ڪري فتنہ الخوارج جي 29 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي.عطا تارڙ هڪ بيان ۾ چيو ته “آپريشن غضب للحق” تحت سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو، جنهن ۾ پڪتيا، پڪتيڪا ۽ ڪنڙ ۾ جماعت الاحرار ۽ فتنہ الخوارج جي ٽن هدفن کي ڪاميابيءَ سان تباهه ڪيو ويو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته باجوڙ ۾ پاڪ افغان سرحد ويجهو آپريشن ۾ خارجي ڪمانڊر خان فروش عرف زابل ٽن دهشتگردن سميت مارجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو