پاڪستان ۾  ڪورونا ڪيسن جي شرح اڌ سيڪڙو کان به گهٽ

پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح اڌ سيڪڙو کان به گهٽ

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي وبا سبب ڪو به مريض فوت ناهي ٿيو.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي اچي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 0.43 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ وڌيڪ 52 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 73 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 607 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 71 هزار 988 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 12 هزار 77 ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 4 لک 17 هزار 949 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو