ايڇ آءِ وي جي خطرناڪ وبا  وڌي وئي،هر مهيني هزارين ڪيس رپورٽ

ايڇ آءِ وي جي خطرناڪ وبا وڌي وئي،هر مهيني هزارين ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي جو پکڙجڻ خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي.صحت واري وفاقي وزارت جي عملدارن موجب هلندڙ سال هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي جا 9 هزار 773 نوان ڪيس سامهون آيا آهن ۽ پاڪستان ۾ هلندڙ سال هر مهيني ايڇ آءِ وي جا 1000 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.اختيارين جو چوڻ هو ته گذريل 10 مهينن ۾ سڀ کان وڌيڪ نوان ايڇ آءِ وي ڪيس پنجاب ۾ سامهون آيا آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هر مهيني لکين ماڻهن جا ايڇ آءِ وي ٽيسٽ ڪرائي رهيون آهن، جنهن سبب نوان ڪيس سامهون اچي رهيا آهن.ماهرن جو چوڻ آهي ته هم جنس پرستن ۽ طبي ادارن ۾ انفيڪشن ڪنٽرول نه ٿيڻ سبب ايڇ آءِ وي پکڙجي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ايڇ آءِ وي جا ڪيس هيپاٽائيٽس سي وانگر لکين تائين پهچي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو