اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، وزيراعظم شهباز شريف 23 کان 26 مئي تائين چين جو سرڪاري دورو ڪيو، جتي هن چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ڪئي،ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75 سالگرهه جي موقعي تي تقريبون منعقد ڪيون ويون.
گڏيل بيان موجب، ٻنهي ملڪن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو، پاڪستان ون چائنا پاليسي جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو.










