يو اين جو پاڪستان ۽ ڀارت تي صبر کان ڪم وٺڻ تي زور

يو اين جو پاڪستان ۽ ڀارت تي صبر کان ڪم وٺڻ تي زور

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ڊپٽي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پيچيده مسئلن جو حل تعميري ڳالهين ذريعي ممڪن آهي. هڪ بيان ۾ نائب ترجمان چيو ته گڏيل قومن ڪنهن به اهڙي شروعات جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار آهي جيڪا ٻنهي ملڪن، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار گهٽائي ۽ ڳالهين کي فروغ ڏئي، هن چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار گهٽائڻ لاءِ ڪنهن به مثبت شروعات جي حمايت ڪندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻنهي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي تڪرار گهٽ ڪن ۽ تحمل سان ڪم ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو