واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وزير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٽيرف معاهدي تي ڪامياب ڳالهين تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.ناڻي وارو وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي سالياني اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ واشنگٽن ۾ آهي، جتي هن آمريڪي خزاني کاتي جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪئي.ان حوالي سان جاري ڪيل بيان موجب، ناڻي واري وزير پاڪستان جي مضبوط معاشي اشارن بابت بريفنگ ڏني ۽ آمريڪي ڪمپنين کي تيل ۽ گئس، معدنيات، زراعت ۽ آئي ٽي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني.ناڻي واري وزير آمريڪا-پاڪستان بزنس ڪائونسل جي اڳواڻن ۽ ميمبرن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ انهن معيشت جي استحڪام ۽ نجي شعبي جي اڳواڻي واري ڪردار تي زور ڏنو.بيان ۾، آمريڪي عملدارن سان واپاري معاهدي کي پاڪستان لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ريڪوڊڪ منصوبي جي مالي معاملن کي جلد حل ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه، ناڻي واري وزير آءِ ايف سي جي علائقائي نائب صدر ريڪارڊو پوليٽي سان پڻ ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ اسلام آباد ۾ آءِ ايف سي جي علائقائي آفيس جي قيام جو استقبال ڪيو ويو.










