لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽي وي ڊرامن جي مشهور اداڪارا ماورا حسين ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيل ميچ کانپوءِ پنهنجي پيغام ذريعي قومي ٽيم جي رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي.پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ ماورا حسين چيو ته اسان سان اهو پهريون ۽ آخري ڀيرو نه ٿيو آهي، اسان ان جا عادي آهيون.اداڪارا ماورا حسين چيو آهي ته دنيا هميشه اسان جي خلاف کيڏندي، پر اسان هميشه سڀني مشڪلاتن کي منهن ڏئي ٻيهر اٿنداسين.ماورا حسين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته توهان جيڪو ڪجهه ڪري سگهو ٿا ڪريو ۽ ضرور اسان جي ٽيم کي بلندين تي وٺي ويندا.










