ڪراچي (رپورٽر): وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان جو وجود عمل ۾ آڻڻ ۾ سنڌ جو ڪردار هميشه صفِ اول وارو رهيو آهي ۽ آيندي به رهندو.جشنِ آزاديءَ جي مناسبت سان گورنر سنڌ ۽ صوبائي ڪابينا سان گڏ مزارِ قائد تي حاضريءَ بعد ميڊيا سان گفتگو ڪندي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته 10 آڪٽوبر 1938ع تي سنڌ جي بابرڪت سرزمين تان ئي سڀ کان اڳ پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي قرارداد پيش ڪئي وئي هئي. هن چيو ته قائدِ اعظم جي اصولن ”اتحاد، تنظيم ۽ يقينِ محڪم“ تي عمل ڪري ئي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو.مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ۽ شهيد بينظير ڀٽو ملڪ جي سالميت ۽ دفاع لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون پر ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي محاذ تي بلاول ڀٽو زرداريءَ ڏکي وقت ۾ بهترين دفاع ڪيو. هن فلسطيني عوام تي اسرائيلي جابرانه مظالم جي به سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.










