واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي نمائندي عاصم افتخار ايران جي ايٽمي سهولتن تي حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پاڪستان فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جو مطالبو ڪري ٿو.سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪي حملي سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌندي، ايران جي ايٽمي سهولتن تي حملا گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي آهن، ۽ سلامتي ڪائونسل کي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. پاڪستاني وفد جو چوڻ آهي ته تڪرار جي پرامن حل لاءِ سفارتڪاري کي موقعو ڏنو وڃي. هو ايران جي دفاع جي حق جي سختي سان حمايت ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته امن جي اپيلن کي نظرانداز ڪيو ويو، پاڪستان جو نائب وزيراعظم خطي ۾ امن لاءِ سرگرم آهي. ايران سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.










