ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ پيپلزپارٽي جي حڪومت پاران سنڌ ۾21 ٻوڏ متاثرين لاءِ21 لک گهر مفت مهيا ڪرڻ واري دعوى کي دنيا جو سڀ کان وڏو ڪوڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته هڪ پاسي پنجاب ۽ سنڌ سميت سڄو پاڪستان نه ته هن وقت برساتن ۽ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي رهيو آهي ته ٻي پاسي وري حڪمران طبقي جي نااهليءَ ۽ نالائقي سبب ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، جنهن مان جان نجات حاصل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. قوم جي رت ۽ پگهر جي پئسن مان گڏ ڪيل اربين رپيا خرچ ڪندي ملير ندي تي قبضي سان ٺاهيل ”شاهراهِ ڀٽو“ جو ڪجههُ حصو ۽ ”نيو حب ڪينال“ جو مينهن جي پاڻيءَ ۾ لڙهي وڃڻ جو حساب به قبضا ميئر ۽ سنڌ حڪومت کي ادا ڪرڻو پوندو. جماعت اسلامي نظام جي قيام، معاشري جي اصلاح، نيڪي جي فروغ ۽ برائي ۽ بي حيائي جي خاتمي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. الخدمت جي ٽيم سنڌ ۾ ٻوڏ واري امڪاني صورتحال جي پيش نظر الرٽ رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي مهمات ڪميٽي جي اجلاس کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو.صوبائي امير قباء ڪامپليڪس ۾ الخدمت فائونڊيشن سنڌ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ ٻوڏ جي امڪاني صورتحال لاءِ تيارين جو جائزو پڻ ورتو. ان موقعي تي الخدمت سنڌ جي صدر ڊاڪٽر سيد تبسم جعفري کيس الخدمت پاران جاري فلاحي منصوبن ۽ ايندڙ پروجيڪٽس بابت آگاه ڪيو.صوبائي امير وڌيڪ چيو ته حڪومتي ۽ انتظامي نااهليءَ جو اندازو اُن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته برسات کي هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مينهن جي پاڻي جو نيڪال ۽ گپ ڪڍيو نه ويو آهي. روڊن تي برسات جي پاڻي توڙي گپ جي ڪري ٽريفڪ جام معمول بڻجي چڪو آهي ۽ روڊ رستا به تباهه ٿي رهيا آهن جڏهن ته گهٽين ۽ روڊن تي بيٺل پاڻي جي ڪري مڇرن ۽ مکين جو آزار توڙي وبائي بيماريون پکڙجي رهيون آهن. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ رڳو ڦُرلُٽ واري “سسٽم” کي مضبوط ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ 18 سالن کان موجود سندس حڪومت ۾ ڪرپشن ۾ ئي اضافو ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته تيل، گئس، ڪوئلي، بجلي ۽ زراعت جي دولت سان مالا مال سنڌ جي عوام اڄ غربت، بُک، بدحالي ۽ افلاس جو شڪار توڙي صاف پاڻي، صحت ۽ تعليم سميت بنيادي انساني سهولتن کان به محروم آهن.#










