پاڪستان هر صورت ۾ سنڌ طاس معاهدي جي تقدس جو تحفظ ڪندو

پاڪستان هر صورت ۾ سنڌ طاس معاهدي جي تقدس جو تحفظ ڪندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات ۽ نشريات واري وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ علائقائي توڙي عالمي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ برابر آهي.اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته “سيمينار ۾ شريڪ تمام مندوبين (مهمانن) کي ڀليڪار چوان ٿو، اسان هڪ معاهدي تي نه پر 24 ڪروڙ عوام جي زندگيءَ جي شاهه رڳ تي ڳالهائي رهيا آهيون. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ئي اسان جي اصل سڃاڻپ آهي، اسان ان عظيم تهذيب جا وارث آهيون، پاڪستان لاءِ پاڻي صرف هڪ قدرتي وسيلو ناهي پر بقا جو معاملو آهي.هن جو چوڻ هو ته سنڌو ندي دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ کي سيراب ڪندي آئي آهي، پاڪستان جي تاريخ دراصل سنڌو نديءَ جي تاريخ آهي. زراعت قومي معيشت جو بنيادي ٿنڀو آهي ۽ سنڌو ندي ان جي شاهه رڳ آهي. 6 ڏهاڪا اڳ ٻن ملڪن هڪ غير معمولي فيصلو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ پائيدار آبي معاهدن مان هڪ معاهدو وجود ۾ آيو. عطا الله تارڙ چيو ته پاڪستان هميشه پُرآمن رابطن، تعميري ڳالهين ۽ معاهدي تي مخلصاڻي عملدرآمد جي عزم جو مظاهرو ڪيو آهي. 1960ع جو سنڌ طاس معاهدو بين الاقوامي لاڳاپن ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿو. ٻارها (ڪيترائي ڀيرا) واضح ڪري چڪا آهيون ته پاڪستان جي عوام جو سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ تي پورو حق آهي، جيڪڏهن پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته قومي قيادت اثرائتو جواب ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزير جو چوڻ آهي ته پاڪستان هر صورت ۾ سنڌ طاس معاهدي جي تقدس جو تحفظ ڪندو، اسان کي ان عزم جو اظهار ڪرڻو آهي ته سنڌ طاس معاهدو برقرار رهندو، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ علائقائي توڙي عالمي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ برابر آهي. هن چيو ته گڏيل رضا منديءَ سان وجود ۾ ايندڙ ان معاهدي ۾ تبديلي اتفاقِ راءِ (سڀني جي مڃتا) سان ئي ممڪن آهي، سنڌ طاس معاهدي جي يڪطرفي معطليءَ ڀارت کي عالمي فورمن تي شرمندگي (سبڪي) سان دوچار ڪيو، اسان کي پاڻيءَ کي تڪرار بدران تعاون جو ذريعو بڻائڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو