اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ مزدورن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. مهانگائي، بيروزگاري ۽ گهٽ اجرت جي ڪري دٻجي ويل مزدور اڃا تائين روزاني اجرت جي ڳولا ۾ آهن ۽ مزدورن جي ڏينهن تي به آرام کان سواءِ ڪم ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ان دوران وزيراعظم شهباز شريف مزدورن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مزدور طبقن جي قرباني زندگي کي جاري رکي ٿي. ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ مزدور ۽ ماهر ماڻهو اسان جي قابليت، محنت ۽ پيشه ورانه صلاحيت جو عڪس آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اڄ، اچو ته پنهنجي عزم جي تجديد ڪريون ته اسين سڀ گڏجي مزدورن جي حقن جي حفاظت لاءِ ڪم ڪنداسين.










