پاڪستان دنيا جو ڇوٿون مهانگو ملڪ، حڪومت پاران رليف جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دي اڪانومسٽ دنيا جي 43 ملڪن جي لسٽ جاري ڪئي جتي مهانگائي وڌي آهي، پاڪستان چوٿين نمبر تي آهي. سڀني کان وڌيڪ مهانگائي ۾ ترتيبوار، ارجنٽائن، ترڪي، برازيل ۽ پاڪستان آهن. ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ پاڪستان کان مهانگائي جي شرح گهٽ آهي، جاپان ۾ شيون سستيون ٿيون آهن. هن رپورٽ جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان گهٽ آمدني رکندڙ ماڻهن کي پيٽرول ۽ کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي ڏيڻ لاءِ پلان ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ اڳ ۾ اهشاس پروگرام ۽ بعد ۾ ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ حڪمران جماعت جي سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم گهٽ آمدني وارن شهرين کي پيٽرول تي سبسڊي ڏيڻ جو پلان ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ ٻين عوامي سوارين کي گهٽ قيمت تي پيٽرول جي فراهمي جو پلان ايندڙ هفتي پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ مهانگائي گهٽائڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڪميٽيون ٺاهڻ ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ اندر اٽي جي مهانگن اگهن تي وڪري واري صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته غريب ماڻهن کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ وارو وڏو پلان جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي. ڊاڪٽر ثانيه نشتر ٽارگيٽڊ سبسڊي پروگرام جي تيارين بابت وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته اهو پروگرام هلندڙ سال ئي شروع ڪيو ويندو. احساس پروگرام لاءِ اهل گهراڻن کي سبسڊيز واري پروگرام تحت مختلف شين جي خريداري تي وڏيون رعايتون ملنديون. اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري ورچوئل بريفنگ ۾ چيو آهي ته پيٽرول جا اگهه وڌيا آهن پر ٻين شين جا اگهه گهٽيا به آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو