پاڪستان جي نيوزي لينڊ کي شڪست،وائيٽ واش کان بچي ويا

پاڪستان جي نيوزي لينڊ کي شڪست،وائيٽ واش کان بچي ويا

آڪلينڊ(ويب ڊيسڪ)پاڪستان نيوزيلينڊ کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ وائيٽ واش کان بچائي ورتو، فائنل ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 42 رنسن تان هارائي ڇڏيو.پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي نيوزيلينڊ کي 135 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جنهن جي تعاقب ۾ نيوزيلينڊ جي پوري ٽيم 17.2 اوورن ۾ 92 رنسن تي ڍير ٿي وئي.نيوزيلينڊ لاءِ گلين فلپس 22 بالن تي 26 ۽ اوپنر فن ايلن 19 بالن تي 22 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.نيوزيلينڊ طرفان ٽم سيفرٽ 19 ۽ ول ينگ 12 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، جڏهن ته ريچن رويندرا ۽ مارڪ چيمپمن رڳو 1-1 رنسون ٺاهيون.پاڪستان طرفان افتخار احمد 24 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، محمد نواز ۽ ڪپتان شاهين آفريدي 2-2 جڏهن ته زمان خان ۽ اساما مير هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل سيريز جي پنجين ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو پر بيٽنگ لائن هڪ ڀيرو ٻيهر مداحن کي مايوس ڪيو ۽ قومي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ئي ٺاهي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو