پاڪستان جي قطر کي دفاعي پيداواري شعبي ۾ تعاون جي آڇ

پاڪستان جي قطر کي دفاعي پيداواري شعبي ۾ تعاون جي آڇ

دوحا(ويب ڊيسڪ)صدر آصف علي زرداري اربع ڏينهن دوحا ۾ قطري امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دفاع ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ جي آڇ ڪئي، ايوان صدر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قطري امير هن آڇ تي “مثبت ردعمل” ڏنو ۽ چيو ته هو لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪندو ته اهي پاڪستان سان هن سلسلي ۾ فوري طور تي ڳالهيون شروع ڪن. بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته قطري اڳواڻ “پاڪستان ۽ سعودي عرب جي تازي دفاعي معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪيو”، جيڪو سيپٽمبر ۾ طئي ٿيو هو. الـثاني چيو ته “هي هڪ ڀليڪار وارو ۽ وقتائتو قدم آهي، جيڪو اڳ ئي ٿيڻ گهرجي ها”، ۽ اهو به نشاندهي ڪئي ته پاڪستان “هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو، جيڪو هڪ ئي وقت چين، اولهه ۽ خليجي ملڪن سان حڪمت عملي لاڳاپا رکي ٿو”. پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ بابت، قطري امير اميد ظاهر ڪئي ته “پاڪستان ۽ افغانستان پنهنجا موجوده مسئلا حل ڪندا ۽ چئلينجن کان اڳتي وڌندا.” ياد رهي ته قطر انهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثالثي ڪندڙ ملڪن مان هڪ آهي، جن جي وچ ۾ گذريل مهيني سرحدي ڇڪتاڻ کان پوءِ دوحا ۽ استنبول ۾ ڳالهيون ٿيون هيون. ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهين جو نئون دور سڀاڻي (6 نومبر) ترڪي جي گادي واري شهر ۾ شروع ٿيڻ وارو آهي. ان کان علاوه، بيان موجب صدر زرداري ملاقات دوران “زرعي ۽ خوراڪ جي سلامتي جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ جي به تجويز ڏني”، ۽ پاڪستان ۾ قطري سيڙپڪاري وڌائڻ جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. صدر “قطر فنڊ فار ڊولپمينٽ، ايجوڪيشن ابوو آل فائونڊيشن ۽ ٻين قطري انساني امدادي ادارن جي خدمتن جي به ساراهه ڪئي” ۽ خاص طور تي شيخا موزه بنت ناصر ۽ شيخا المياسه بنت حمد آل ثاني جي تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن قطري امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ته جيئن “قطر سان علائقائي امن، ترقي ۽ گڏيل خوشحالي لاءِ ڀائيواري وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي”، جنهن تي قطري اڳواڻ چيو ته هو ايندڙ سال جي شروعات ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو.
چين جي نائب صدر سان ملاقات
ايوان صدر مان هڪ ڌاري جاري ڪيل ٻئي بيان م ٻڌايو ويو آهي ته صدر زرداري اڄ چين جي نائب صدر هان ژينگ سان به دوحا ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هان ژينگ پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪوششن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ کنيل قدمن جي ساراهه ڪئي. ٻه طرفي ملاقات “ورلڊ سميت فار سوشل ڊولپمينٽ” جي موقع تي ٿي، جيڪا 4 کان 6 نومبر تائين دوحا ۾ جاري آهي. صدر زرداري پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. بيان موجب، صدر زرداري چين جي نائب صدر سان ملاقات دوران چيو ته پاڪستان ۽ چين “لوهه جهڙا ڀائر ۽ هر موسم جا حڪمت عملي ڀائيوار آهن”. هن چين جو مشڪور ٿيڻ جو اظهار ڪيو جنهن هر ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن ٻيهر واضع ڪيو ته “چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀو آهي.” صدر اهو به چيو ته “چين پاڪستان سان گڏجي سي پيڪ (CPEC) جي ڪامياب عملدرآمد ۾ مسلسل ڀائيواري ڪري رهيو آهي، جيڪو هاڻي اعليٰ معيار واري ترقي جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.” هان ژينگ پنهنجي طرفان چيو ته چين “پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪوششن ۽ علائقائي امن جي حمايت جي ساراهه ڪري ٿو” ۽ ٻنهي ملڪن جي “ابدي دوستي جي طاقت” جي عزم کي ٻيهر ورجايو. هن چين جي صدر شي جن پنگ جا گرمجوش سلام به صدر زرداري تائين پهچايا ۽ چيو ته چين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي هيٺ خاص طور تي ٽرانسپورٽ، انفراسٽرڪچر، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ ووڪيشنل ٽريننگ ۾ پاڪستان جي ترقيءَ جي حمايت ڪندو. ٻنهي اڳواڻن “ڏينهون ڏينهن وڌندڙ حڪمت عملي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو”، ۽ اهو به اتفاق ڪيو ته “علائقائي ۽ عالمي فورمن تي باهمي دلچسپي جي معاملن تي ويجهو سهڪار جاري رکيو ويندو.” صدر زرداري سان گڏ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري، پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان جو سفير به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو