نئين دلي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي الهه آباد هاءِ ڪورٽ هڪ اهم فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا پوسٽ ڪرڻ غداري نه آهي. الهه آباد هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي حمايت ۾ پوسٽ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار هڪ شخص کي ضمانت ڏيندي فيصلو ٻڌايو ته اهڙيون پوسٽون جيتوڻيڪ غصي يا بيچيني کي هوا ڏئي سگهن ٿيون، پر اهي غداري جي دفعات ۾ نٿيون اچن. 26 سيپٽمبر جي فيصلي ۾ عدالت ميرٺ جي رهاڪو ساجد چوڌري کي ضمانت ڏني، جنهن تي مئي ۾ “ڪامران ڀٽي تي فخر آهي، پاڪستان زندہ باد” جي پوسٽ ڪرڻ جو الزام هو. ساجد کي ڀارتيه نياي سنهيتا (BNS) جي دفعه 152 (هندوستان جي خودمختياري لاءِ خطرو) تحت گرفتار ڪيو ويو هو، ۽ هو 13 مئي کان جيل ۾ هو. ساجد جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏنو ته هن نه اها پوسٽ پاڻ لکي هئي ۽ نه ٺاهِي هئي، پر صرف فارورڊ ڪئي هئي، ۽ سندس ڪو به ارادو نفرت يا امن خراب ڪرڻ جو نه هو. وڪيل اهو به چيو ته ساجد جو ڪو مجرمانه رڪارڊ نه آهي، ۽ ضمانت تي ڇڏڻ سان ڪو به خطرو پيدا نه ٿيندو. ٻئي پاسي، سرڪاري وڪيل ساجد کي “عليحدگي پسند” قرار ڏيندي چيو ته هو اهڙين سرگرمين ۾ اڳ به ملوث رهيو آهي. فريقين جا دليل ٻڌڻ بعد، الهه آباد هاءِ ڪورٽ ميرٺ جي ساجد چوڌري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ مٿس لڳايل غداري جا الزام ختم ڪري ڇڏيا.










