اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عالمي بينڪ پاڪستان جي معاشي ترقي جي موجوده رفتار کي غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ اڻپورو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.هلندڙ سال پاڪستان ۾ غربت جي شرح 21.5 سيڪڙو ۽ معاشي شرح 3 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ايندڙ سال معاشي ترقي وڌي 3.4 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي. تفصيل موجب عالمي بينڪ پاڪستان بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ ۾ عالمي بينڪ معاشي ترقي جي موجوده رفتار کي غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ اڻپورو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال 16 لک نوجوان روزگار جي لاءِ مارڪيٽ ۾ اچي رهيا آهن.هن سال پاڪستان ۾ غربت جي شرح 21.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. غربت ۾ گهٽتائي ۽ زندگي جي معيار ۾ بهتري لاءِ معاشي ترقي ۾ بهتري تي زور ڏنو ويو آهي. عالمي بينڪ موجب پاڪستان ۾ هلندڙ مالي سال مهانگائي 7.2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ايندڙ سال پاڪستان ۾ مهانگائي گهٽ ٿي 6.8 سيڪڙو تائين رهڻ جو اندازو آهي. عالمي بينڪ پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ جامع اصلاحات تي زور ڏنو آهي.










