پاڪستان جو ٽرمپ جي غزه امن اجلاس ۾شرڪت جو اعلان

پاڪستان جو ٽرمپ جي غزه امن اجلاس ۾شرڪت جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعوت کي قبول ڪري ورتو آهي، جيڪا نام نهاد “بورڊ آف پيس” ۾ شرڪت بابت هئي. جنهن جو مقصد “غزه ۾ دائمي امن قائم ڪرڻ” آهي.
پاڪستان کي بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت گذريل هفتي ڏني وئي، جڏهن صدر ٽرمپ جي انتظاميا دنيا جي مختلف ملڪن جي اهم شخصيتن سان رابطو ڪيو ته جيئن اهي جنگ کان پوءِ واري غزه ۾ حڪومت، بحالي ۽ نگراني سان لاڳاپيل معاملن ۾ شامل ٿي سگهن.
پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو: “آمريڪا جي صدر ڊونلڊ جي. ٽرمپ پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڏنل دعوت جي جواب ۾، پاڪستان اهو اعلان ڪري ٿو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2803 جي فريم ورڪ تحت غزه امن منصوبي تي عملدرآمد جي حمايت لاءِ پنهنجي جاري ڪوششن جي حصي طور بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ٿو.”
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان کي اميد آهي ته هن فريم ورڪ جي قيام سان “مستقل جنگبندي تي عملدرآمد، فلسطينين لاءِ انساني امداد ۾ وڌيڪ واڌ، ۽ غزه جي ٻيهر تعمير لاءِ عملي قدم کنيا ويندا.”
بيان ۾ چيو ويو: “پاڪستان کي اها به اميد آهي ته اهي ڪوششون فلسطين جي عوام جي حقِ خود اراديت جي حاصلات ڏانهن وٺي وينديون، هڪ معتبر، وقت جي پابند سياسي عمل ذريعي، جيڪو عالمي قانوني حيثيت ۽ لاڳاپيل گڏيل قومن جي قراردادن سان مطابقت رکي، ۽ جنهن جي نتيجي ۾ 1967 کان اڳ وارين سرحدن جي بنياد تي، القدس الشريف کي گاديءَ جو هنڌ بڻائي، هڪ آزاد، خودمختيار ۽ گڏيل فلسطيني رياست قائم ٿي سگهندي.”
پرڏيهي آفيس بيان جي پڄاڻي ۾ چيو: “پاڪستان انهن مقصدن جي حاصلات ۽ اسان جي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي تڪليفن جي خاتمي لاءِ بورڊ آف پيس جي حصي طور پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جاري رکڻ جو خواهشمند آهي.”
واضح رهي ته صدر ٽرمپ گذريل سيپٽمبر ۾ غزه ۾ تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي منصوبي جو اعلان ڪندي پهريون ڀيرو هن بورڊ جي قيام جي تجويز پيش ڪئي هئي. جڏهن ته گذريل هفتي عالمي اڳواڻن کي موڪليل دعوت نامي ۾ هن اداري کي عالمي سطح تي تڪرارن جي خاتمي لاءِ وسيع ڪردار ڏيڻ جو ذڪر ڪيو ويو هو.
رائٽرز پاران ڏٺل دستاويز موجب، آمريڪي انتظاميا طرفان لڳ ڀڳ 60 ملڪن ڏانهن موڪليل چارٽر جي مسودي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪي ملڪ ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين رڪنيت برقرار رکڻ چاهين ٿا، انهن کي هڪ ارب ڊالر نقد رقم طور ڏيڻا پوندا.
دعوت نامي ۾ “چارٽر” جي شموليت سبب ڪجهه يورپي حڪومتن ۾ خدشا پيدا ٿيا آهن ته اهڙو قدم گڏيل قومن جي ڪردار کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو، جنهن تي صدر ٽرمپ اڳ ئي الزام هڻي چڪو آهي ته اها تنظيم دنيا ۾ تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ سندس ڪوششن جي حمايت نٿي ڪري.
ٻئي پاسي فنانشل ٽائمز رپورٽ ڪيو آهي ته ٽرمپ انتظاميا بورڊ آف پيس کي هڪ مستقل عالمي اداري ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿي، جيڪو گڏيل قومن جو مقابلو ڪري سگهي. ممڪنه ميمبرن ڏانهن موڪليل چارٽر موجب، بورڊ کي “هڪ وڌيڪ چُست ۽ اثرائتو عالمي امن ساز ادارو” بڻائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جي صدارت پاڻ ڊونلڊ ٽرمپ ڪندو.
چارٽر جي رائٽرز پاران ڏٺل ڪاپي مطابق، بورڊ شروعات ۾ غزه واري تڪرار کي حل ڪرڻ تي ڌيان ڏيندو ۽ پوءِ ان کي ٻين عالمي تڪرارن تائين وڌايو ويندو. چارٽر جي ڊرافٽ صدر ٽرمپ کي وسيع انتظامي اختيار ڏئي ٿو ۽ کيس بغير وقت جي حد جي چيئرمين طور خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اجازت ڏئي ٿو، سواءِ ان جي ته هو پاڻ استعيفا ڏئي يا بورڊ جي متفقه ووٽ سان نااهلي ثابت ٿيڻ تي هٽايو وڃي.
دستاويز موجب، چيئرمين کي ميمبر ملڪن جي مقرري ۽ برطرفي جو اختيار به حاصل هوندو، ۽ اهڙن فيصلن کي رد ڪرڻ لاءِ ٻه ٽهائي اڪثريت گهربل هوندي. متن موجب، ٽرمپ وٽ عملي طور بورڊ جي فيصلن تي ويٽو جو اختيار هوندو، ڇاڪاڻ⁠ته چارٽر ۾ چيو ويو آهي ته فيصلا “موجود ۽ ووٽ ڏيندڙ ميمبر ملڪن جي اڪثريت سان، چيئرمين جي منظوري سان مشروط” هوندا.
چارٽر ٽرمپ کي اهو به “خاص اختيار” ڏئي ٿو ته هو بورڊ جي مقصدن جي پورائي لاءِ ذيلي ادارا قائم ڪري، تبديل ڪري يا ختم ڪري سگهي ٿو. چارٽر موجوده عالمي ادارن تي تنقيد ڪندي عملي سوچ، عام فهم ۽ همت جي وڪالت ڪري ٿو ته جيئن دائمي امن لاءِ اڪثر غير مؤثر طريقن ۽ ادارن کي ڇڏي سگهجي.
هاڻي تائين رڳو ڪجهه ملڪن، جن ۾ هنگري، اسرائيل ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن، بنا ڪنهن تحفظ جي بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت قبول ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو