پاڪستان جلد خطي ۾ ترقي جي سفر ۾ چين جو هم قدم ٿيندو: وزيراعظم

پاڪستان جلد خطي ۾ ترقي جي سفر ۾ چين جو هم قدم ٿيندو: وزيراعظم

هانگ زو (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جلد خطي ۾ ترقي جي سفر ۾ چين جو هم قدم ٿيندو. هانگ زو ۾ پاڪ چائنا بزنس ٽو بزنس انويسٽمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي قرض نه پر مهارت ۽ سيڙپڪاري گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين سان 30 سيڪڙو ايم او يوز (مفاهمتي ياداشتون) معاهدن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، جن جي ماليت اربين ڊالر آهي. تعاون جا چار شعبا زراعت، آئي ٽي، اڪنامڪ زونز ۽ مائينز اينڊ منرلز (کاڻيون ۽ معدنيات) اهم آهن.
چيني ڪاروباري شخصيتن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت
چيني ڪاروباري شخصيتن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ معدنيات جا وڏا ذخيرا موجود آهن.وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ 6 هزار ايڪڙن تي ورلڊ ڪلاس اسپيشل اڪنامڪ زون بڻائي رهيا آهيون، جتي ون ونڊو آپريشن ۽ ريڊ ڪارپيٽ ٽريٽمينٽ (ڀرپور آجياڻو) ملندو، پاڪستان جي نوجوان آبادي کي آئي ٽي ٽريننگ ۽ عالمي سرٽيفڪيشن ڏئي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته زراعت ۾ پيداوار وڌائڻ لاءِ ٻج، مشينري ۽ بهترين طريقا گهرجن. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لکن جي تعداد ۾ ننڍا ڪاروبار پيدا ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو