پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جو ذخيرو 4 نه پر 10 ارب ڊالر آهي: ڊار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جا ناڻي جي مٽا سٽا وارا ذخيرا 4 نه پر 10 ارب ڊالر آهن، ڪمرشنل بئنڪن ۾ پيل 6 ارب ڊالر به پاڪستان جا آهن.ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته قرض ادائگيون وقت تي واپس ڪري رهيا آهيون، آءِ ايم ايف جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو.هن چيو ته جنيوا ۾ به آءِ ايم ايف اختيارين سان ملاقات ٿيندي، سعودي عرب سوڌو دوست ملڪن مان فنڊز پاڪستان منتقل ٿيڻ بعد ناڻي جي مٽا سٽا وارا ذخيرا مستحڪم ٿي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو