پاڪستاني موقف جي فتح، ڀارتي ڪپتان ڏوهي قرار

پاڪستاني موقف جي فتح، ڀارتي ڪپتان ڏوهي قرار

دبئي(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي 14 سيپٽمبر تي پاڪ-ڀارت ميچ کانپوءِ پريزنٽيشن ۾ تڪراري بيان ڏيڻ ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو کي قصوروار قرار ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ سي سي پريزنٽيشن ۾ تڪراري ڳالهه تي ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار کي قصوروار قرار ڏنو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ڪپتان پاڪستاني شڪايت تي ڪالهه آءِ سي سي ريفري آڏو پيش ٿيو هو، جڏهن ته اڄ آءِ سي سي ميچ ريفري رچي رچرڊسن فيصلو ٻڌايو ۽ سوريا ڪمار تي سياسي بيان ڏيڻ جو الزام ثابت ٿيو آهي.ذريعن موجب، آءِ سي سي سوريا ڪمار يادَو خلاف فيصلي جا تفصيل جلد جاري ڪندوذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو تي ميچ فيس جو 30 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي. 14 سيپٽمبر تي ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار ايشيا ڪپ جي گروپ اسٽيج ميچ ۾ کٽڻ بعد پريزنٽيشن دوران ڳالهائيندي پهلگام واقعي جو ذڪر ڪندي پاڪستان خلاف فتح کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي نانءُ ڪيو هو. ان کانپوءِ پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ طرفان آءِ سي سي کي خط لکيو ويو، جنهن ۾ تڪراري ۽ سياسي بيان بازيءَ تي ڀارتي ڪپتان خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو هو. گذريل ڏينهن انٽرنيشنل ڪرڪٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ايشيا ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ کانپوءِ سياسي بيان بازي ذريعي هيرو بڻجڻ جي ڪوشش تي ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو کي ڇنڊ پٽي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو