ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي سي ٽي ڊبليو (CTW) ڪراچي ڪارروائي ڪندي پاڪستاني شهرين جي حساس معلومات ۽ دستاويز غير ملڪي خفيه ايجنسين کي وڪڻندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.ايف آءِ اي اختيارين موجب، جوابدار پاڪستاني شهرين سان ڊيجيٽل مالي اوزارن ذريعي فراڊ ۾ پڻ ملوث هو، جوابدار جي نيٽ ورڪ ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻهو شامل هئا. جوابدار نادرا، پاسپورٽ ۽ موبائل فون واهپيدارن جي حساس معلومات غير ملڪي خفيه ايجنسين کي وڪڻڻ ۾ ملوث آهي، جوابدار مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي غير ملڪي خفيه ايجنسين سان رابطي لاءِ استعمال ڪندو هو. اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته رقم جي وصولي ڪرپٽو ڪرنسي ۽ ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي ڪئي ويندي هئي، ايف آءِ اي سي ٽي ڊبليو ڪراچي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










