پاڪستان، فتح 4 ڪروز ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

پاڪستان، فتح 4 ڪروز ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان مقامي طور تي تيار ڪيل فتح-4 گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، جيڪو 750 ڪلوميٽر تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب، هي ميزائل 750 ڪلوميٽر تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت سان گڏ زمين سان گڏ پرواز ڪرڻ واري خصوصيت جي ڪري انتهائي درستگي سان نشانو بڻائي سگهي ٿو. ترجمان پاڪ فوج چيو ته فتح-4 جديد اي ويونڪس ۽ نيويگيشنل سسٽمز سان ليس آهي، جيڪي دشمن جي ميزائل دفاعي نظام کي ناڪام بڻائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو ته هي تجربو آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جو حصو آهي ۽ ان سان پاڪستان آرمي جي روايتي ميزائل سسٽمز جي رينج، مهارت ۽ بقا جي صلاحيت وڌيڪ بهتر ٿيندي. ترجمان جو چوڻ هو ته هن تجربو جو مشاهدو چيف آف جنرل اسٽاف، پاڪ فوج جا سينيئر آفيسر، سائنسدان ۽ انجنيئرز به موجود هئا. صدر پاڪستان آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد ۽ سروسز چيفس ڪامياب تجربو تي فوجي جوانن، سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي مبارڪباد پيش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو