پاڪ، نيوزيلينڊ ٽيسٽ سيريز ڊرا، سرفراز پليئر آف سيريز قرار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ ٻئي ٽيسٽ ميچ به بنا نتيجي ختم ٿي وئي ۽ ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز ڊرا ٿي وئي. ڪجهه عرصو ٽيم کان ٻاهر رهندڙ سرفراز احمد کي پهرين اننگ ۾ 74 ۽ ٻئي اننگ ۾ 118 رنز ٺاهڻ تي پليئر آف دي ميچ ۽ پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو. ٻئي ٽيسٽ جي آخري ڏينهن ٽي اوور جي راند باقي هئي ته ميچ ڪافي دلچسپ ٿي چڪي هئي. پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 15 رنز ۽ نيوزيلينڊ هڪ وڪيٽ گهربل هئي ته امپائر گهٽ روشني سبب راند ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پهرين اننگ ۾ نيوزيلينڊ 449 رنز ٺاهيون هيون جنهن جي جواب ۾ پاڪستان ۾ 408 رنز اسڪور ڪري سگهي. ٻئي اننگ ۾ 277 رنز پنج رانديگر آئوٽ تي اننگ ڊڪليئر ڪئي ۽ پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 319 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو. پاڪستان 9 وڪيٽن تي 304 رنز ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو