پاپوليشن پلاننگ تي ڳاله ڪيون ٿا ته اسلام خطري ۾ اچي وڃي ٿو:مفتاح

پاپوليشن پلاننگ تي ڳاله ڪيون ٿا ته اسلام خطري ۾ اچي وڃي ٿو:مفتاح

اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته جيڪڏهن آبادي جي رٿابندي جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اسلام خطري ۾ آهي. ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته جڏهن اوڀر پاڪستان ڌار ٿيو ته اولهه پاڪستان جي آبادي گهٽ ۽ اوڀر پاڪستان جي آبادي وڌيڪ هئي. هن چيو ته اڄ پاڪستان جي آبادي 23 ڪروڙ ۽ بنگلاديش جي آبادي 15 ڪروڙ آهي، هاڻي سوال اهو آهي ته اسان آبادي جي رٿابندي بابت ڇا ڪري رهيا آهيون؟ مفتاح اسماعيل چيو ته گذريل سالن ۾ ڪيتريون حڪومتون آيون، ان تي ڪنهن ڪم ڪيو؟ جيڪڏهن اهي ڪم ڪن ته چئبو ته اسلام خطري ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو