سکر(امداد علي ڪلوڙ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عوام جي ووٽ تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، اڄ به اسان عوامي طاقت سان اڳتي وڌي رهيا آهيون، عمران خان پاڻ بيروني ايجنٽ آهي، اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته ناجائز حڪومت کي هاڻي گهر وڃڻو پوندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن آزادي مارچ جي حوالي سان ڪوٺايل مجلس شوريٰ جي گڏجاڻي جي صدارت لاءِ سکر پهچڻ بعد جي يو آءِ اڳواڻ آغا ايوب شاهه جي رهائش گاهه تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيو. هن چيو ته پهريون ڀيرو هڪ آزادي جو احساس قوم جي هر فرد اندر آهي، ساڳي جذبي سان اسان اسلام آباد وڃي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ فيصلا هاڻي عوام ڪندو، ووٽ عوام جو آهي ، جنهن تي هاڻي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ جي جرئت نه ٿيندي، هن چيو ته جي يو آءِ عوامي رستو اختيار ڪيو آهي، اسان 15 ملين مارچ ڪيا آهن ۽ اڄ به عوامي طاقت سان اڳتي وڌي رهيا آهيون موجوده حڪمرانن کي پنهنجي گهر موڪلي ئي ساهه پٽينداسين. هن چيو ته ميڊيا چينل پاڻ اطلاع ڏئي رهيا آهن ته انهن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، پيمرا چئي ڇڏيو آهي ته انهن جي بيان کي نشر ناهي ڪرڻو، هڪ چينل جرت ڪئي آهي، باقي ميڊيا مالڪ پردو وجهن پيا،جڏهن انهن کي اسيمبلي ۾ گهرايو ويو ته انهن ڪوڙ ڳالهايو ته اسان ڪا به پابندي ناهي لڳائي، هي فون تي پابندي هڻندا آهن جيڪا رڪارڊ تي ناهي هوندي، پر هاڻي ملڪ ايئن نه هلندو حڪومت طرفان کنيل ڪنهن به انتهائي قدم جي مقابلي ۾ اسان آخري حد تائين وينداسين.ان کان اڳ هو پارٽي اڳواڻن سان مشاورت ۽ مارچ کي ڪامياب ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙن لاءِ سکر پهتو.










