پابندي مڙهيل لغڙن واري ڏوري ٺاهيندڙ ڪارخاني تي ڇاپو

پابندي مڙهيل لغڙن واري ڏوري ٺاهيندڙ ڪارخاني تي ڇاپو

روهڙي (ن سنڌيار)برف جي ڪارخاني اندر غير قانوني طور تي لغڙن لاءِ تيز ڌار مانجهو تيار ٿيڻ جي ڳجهي اطلاع تي اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي ناصر احمد عباسي پاران پوليس ۽ روينيو عملو ساڻ ڪري اوچتو ڇاپو هڻي هزارين مانجھي جون ننڍيون وڏيون چرخيون ۽ مانجهو تيار ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل شيشو سدي ۽ ٻيو ڪچو سامان ضبط ڪري برف ڪارخاني کي سيل ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي ڇاپي دوران پوليس ۽ عملي کي ڏسندي ئي مانجهو تيار ڪندڙ ڪاريگر ڪارخاني جي ٻئي دروازي کان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي ناصر احمد عباسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۾ لغڙ ۽ مانجھي جي وڪري تي پابندي لڳل آهي جنهن ڪري پنجاب ۾ مانجهو ۽ لغڙ تيار ڪندڙن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي جنهن ڪري روهڙي ۾ ڳجهي طور وڏي پيماني تي مانجهو تيار ڪيو پئي ويو اهڙي اطلاع تي ڇاپو هڻي برف ڪارخاني کي سيل ڪيو ويو آهي اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي جو وڌيڪ چوڻ هو ته معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جيڪو به ان ڪم ۾ ملوث هوندو ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو