ٽڪ ٽاڪ آمريڪا جي وڪري لاءِ ڊيڊ لائين ۾ چوٿون ڀيرو واڌ

ٽڪ ٽاڪ آمريڪا جي وڪري لاءِ ڊيڊ لائين ۾ چوٿون ڀيرو واڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جمعي تي چيني هم منصب شي جن پنگ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندو، واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون سميت ڳالهيون ڪندو. صدر ٽرمپ چوٿون ڀيرو ٽڪ ٽاڪ جي وڪري بابت ڊيڊ لائين ۾ واڌ ڪئي آهي جيڪا 6 ڊسمبر تائين آهي. آمريڪي صارفين واري ايپ آمريڪي ڪمپني پاران خريدڻ بابت به ڳالهيون ٿينديون. اهو ته وضح ناهي پر خيال آهي ته گذريل هفتي دنيا جي امير ترين شخص جو درجو حاصل ڪندڙ اوريڪل ڪمپني جو ايگزيڪيٽو چيئرمين ليري ايليسن شايد چيني ڪمپني جو آمريڪي آپريشنز خريد ڪري. 2 ڏينهن اڳ آمريڪا ۽ چيني وفدن جي اسپين جي شهر ميڊرڊ ۾ ٿيل ڳالهين بعد ٻنهي ڌرين مثبت پيش رفت جي ڳالهه ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو