ٽي 20 ورلڊ ڪپ: پاڪستان-ڀارت ميچ جون سڀئي ٽڪيٽون وڪرو

ٽي 20 ورلڊ ڪپ: پاڪستان-ڀارت ميچ جون سڀئي ٽڪيٽون وڪرو

دبئي(ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2022 جي ميچن لاءِ هينئر تائين 5 لک ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن.پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميچ جون سموريون ٽڪيٽون وڪرو ٿي ويون آهن، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ 23 آڪٽوبر تي آسٽريليا جي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي.ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ لاءِ اسٽينڊنگ روم جون ٽڪيٽون به منٽن ۾ وڪرو ٿي ويون، اهي ٽڪيٽون دنيا جي 82 ملڪن جي ڪرڪيٽ مداحن خريد ڪيون.آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ 16 ٽيمن جا اسٽار رانديگر ايڪشن ۾ هوندا، ٻارن لاءِ مناسب قيمت واريون ٽڪيٽون 85,000 کان وڌيڪ ٽڪيٽون 5 ڊالرن ۾ وڪرو ٿينديون.ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب 27 آڪٽوبر تي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٿيندڙ ڊبل هيڊر لاءِ سموريون ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن، جنهن ۾ ڏکڻ آفريڪا جو مقابلو بنگلاديش ۽ ڀارت جو مقابلو گروپ اي جي رنر اپ ٽيم سان ٿيندو.آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 22 آڪٽوبر تي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندڙ سپر 12 ميچ لاءِ ڪجهه ٽڪيٽون باقي آهن.30 آڪٽوبر تي پرٿ اسٽيڊيم ۾ ڊبل هيڊر لاءِ محدود ٽڪيٽون باقي آهن، گروپ اي جي رنر اپ پاڪستان ۽ ڀارت ڏکڻ آفريڪا سان مقابلو ڪنديون.ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ 3 نومبر تي سڊني گرائونڊ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ لاءِ به محدود ٽڪيٽون موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو