نيو يارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومي جي سلامتي ڪائونسل پاران مرتب ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان، افغان طالبان جي مدد سان پاڪستان تي حملا ڪري رهي آهي. گذريل چند مهينن ۾ 800 کان مٿي پاڪستان جي فوجي ۽ سيڪورٽي فورسز جي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته القائده ۽ داعش به تحريڪ طالبان ۽ افغان طالبان کي هٿيارن جي خريداري ۽ خود ڪش جيڪٽس لاءِ مالي معاونت ۽ تربيت فراهم ڪري رهيا آهن. رپورٽ ۾ ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي وئي آهي ته 6000 کان 6500 تحريڪ طالبان جا ويڙهاڪ افغانستان ۾ موجود آهن. رپورٽ موجب افغانستان مان آمريڪا ۽ سندس اتحادي نيٽو فورسز جي تڪڙ ۾ نڪرڻ سبب جديد هٿيار ۽ خاص ڪري ’نائيٽ ويزن‘ جا جديد اوزار به تحريڪ طالبان وٽ موجود آهن. ڪجهه ميمبر ملڪن جو خيال آهي ته داعش جا 4 کان 6 هزار ويڙهاڪ افغانستان م موجود آهن، جڏهن ته ڪجهه ميمبرن جو خيال آهي ته انهن جو تعداد 2000 کان 3500 تائين ٿي سگهي ٿو. افغانستان ۾ موجود شدت پسند ڪجهه ميمبر ملڪن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا پر تحريڪ طالبان جو في الهال ٽارگيٽ پاڪستاني فوجي ٺڪاڻا آهن. رپورٽ موجب القائده پنهنجي افرادي سگهه وڌائي رهي آهي ۽ افغانين کانسواءِ ازبڪستان ۽ سينٽل ايشيا جي مختلف ملڪن مان دهشتگرد ڀرتي ڪري رهيا آهن ۽ انهن مڪن جي شدت پسند تنطيمن سان لاڳاپا وڌائي رهيا آهن.










