ٽي ايل پي مريدڪي ڌرڻو منتشر، ايس ايڇ او شهيد، احتجاج جاري

ٽي ايل پي مريدڪي ڌرڻو منتشر، ايس ايڇ او شهيد، احتجاج جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب پوليس مريدڪي ۾ ٽي ايل پي جو ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو آهي، خيما کوڙي ڌرڻو هڻي ويٺل تحريڪ لبّيڪ پاڪستان (TLP) جا احتجاج ڪندڙ ڪارڪن منتشر ٿي ويا آهن. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيوز ۾ خيمن کي باهه لڳل آهي. پوليس جي مطابق سومر تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان جهيڙي کان پوءِ منتشر ٿي ويا، حڪومت سندن اسلام آباد وڃڻ جي رستي ۾ کڏو کوٽي چڏيون هيون. اختيارين هڪ ڀيرو ٻيهر لاهور ۽ اسلام آباد جي چوڌاري روڊن ۽ موٽر ويز کي بند ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي آچر تي کوليا ويا هئا. ان دوران، اسلام آباد ۾ ڪجهه اسڪولن کي به عام وقت کان اڳ بند ڪيو ويو. ٽي ايل پي، جنهن پنهنجي احتجاجي مارچ جي شروعات جمعي تي لاهور کان ڪئي هئي، سندن ارادو هو ته اسلام آباد پهچي غزه ۽ فلسطين جي حمايت ۾ آمريڪي سفارتخاني ٻاهران مظاهرو ڪندا. آچر تي، رينجرز ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن جي وڏي پوليس نفري مريدڪي موڪلي وئي، جتي ٽي ايل پي جي احتجاجي ڪيمپ کي گهيري ۾ ورتو ويو، پوليس ۽ ٽي ايل پي ڪارڪنن ۾ جهڙپون شروع ٿي ويون. هڪ سينيئر پوليس آفيسر، جنهن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڊان داٽ ڪام کي ٻڌايو ته مريدڪي مان احتجاج ڪندڙن کي منتشر ڪرڻ لاءِ پوليس جو عمل سومر جي رات 3 وڳي شروع ٿيو ۽ ڇهن ڪلاڪن تائين جاري رهيو.
فوتگيون ۽ زخمي
پنجاب پوليس جي ترجمان مبشر حسين ٻڌايو ته هڪ ايس ايچ او شهيد ٿيو ۽ ٽي ايل پي جا ٽي ڪارڪن مارجي ويا آهن. پوليس مطابق، 48 قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار زخمي ٿيا، جن مان 17 کي گوليون لڳيون، جڏهن ته 8 شهري به زخمي ٿيا. هڪ راهگير به فوت ٿي ويو. پنجاب پوليس بعد ۾ “X” تي پوسٽ ڪئي ته زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. مبشرحسين موجب، جڏهن پوليس احتجاج ڪندڙن کي منتشر ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ته ٽي ايل پي ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، ڪوڪا لڳل لٺيون ۽ پيٽرول بمن سان پوليس تي حملو ڪيو، ۽ پوءِ فائرنگ شروع ڪئي، جنهن ۾ جانيون ضايع ٿيون. پوليس کي “حد تائين محدود جوابي ڪارروائي” ڪرڻي پئي. هن چيو ته احتجاج ڪندڙن سرڪاري ۽ نجي 40 گاڏين کي باهه ڏياري، ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.
پنجاب حڪومت جو ردعمل
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته حڪومت جو فرض آهي ته ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري، ۽ اهو فرض وساري نٿو سگهجي. هن چيو: “روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ شهري زندگيءَ ۾ تڪليف پيدا ڪرڻ، خاص طور جڏهن غزه ۾ امن بحال ٿي چڪو آهي، ملڪ کي مفلوج ڪرڻ ۽ قانون هٿ ۾ وٺڻ ناقابل قبول آهي.” پنجاب حڪومت جي سرڪاري “X” اڪائونٽ تان جاري بيان ۾ چيو ويو: “رياست تي حملو ڪرڻ، پوليس تي فائرنگ، ملڪيتن کي ساڙڻ ۽ لوٽ مار احتجاج نه پر بغاوت ۽ دهشتگردي آهي۔ TLP جا هٿياربند جٿا قانون کان مٿانهون ناهن۔ جڏهن رياست پنهنجو قانون لاڳو ڪري ٿي، اهي نقاب پوش ماڻهو پاڻ کي مظلوم ڏيکارڻ جو ڊرامو ڪندا آهن۔”
وڪيلن جو احتجاج
لاهور بار ايسوسيئيشن اعلان ڪيو ته هو سومر تي 11 وڳي کان عدالتن جو بائيڪاٽ ڪندا، TLP ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ فائرنگ خلاف احتجاج ڪندا. بار ايسوسيئيشن چيو ته “غيرمسلح احتجاج ڪندڙ ۽ اڳواڻ پوليس ۽ رينجرز جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيا آهن ۽ ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.” لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن (LHCBA) به بيان جاري ڪندي چيو: “هر شهري کي احتجاج جو حق آهي۔ پر جنهن طريقي سان پرامن ماڻهن تي فائرنگ ڪئي پئي وڃي، اهو ڪنهن به جمهوريت کي سُهڻ نه ٿو ڏئي.” لاهور هاءِ ڪورٽ بار مطالبو ڪيو ته احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ گرفتار ڪارڪن آزاد ڪيا وڃن.
روڊ بندش ۽ صورتحال
اسلام آباد مان رپورٽن مطابق، فيض آباد انٽرچينج تي روڊن مان ڪجهه کي ٻيهر بند ڪيو ويو، جڏهن ته صرف اسلام آباد ايڪسپريس وي کوليل رهي. ڪجهه علائقن ۾ موبائل انٽرنيٽ جي رفتار گهٽ يا بند ٿي وئي، جڏهن ته ڪجهه اسڪولن کي به ممڪن قانوني صورتحال جي خدشي سبب جلد بند ڪيو ويو.
هڪ رهواسي غلام عباس ٻڌايو:
“اسان کي صبح اسڪول مان پيغام مليو ته ٻارَ اڌ ڏينهن کان پوءِ موڪليا وڃن، تنهنڪري مان فوري طور تي کين وٺڻ ويس ته شهر ۾ خوف ۽ ٽرئفڪ جام هئي.”
لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ بندشون
لاهور ۾ M-2 موٽر وي لاهور-اسلام آباد، ايم 3 لاهور-عبدالحڪيم) ۽ M-11 لاهور-سيالڪوٽ کي به بند ڪيو ويو.
ڪراچي ٽريفڪ پوليس پڻ ٻڌايو ته 4K چورنگي جي چوڌاري رستا بند آهن، ڇو ته هڪ مذهبي جماعت جو احتجاج جاري آهي. سنڌي هوٽل وٽ ڪجهه ڪارڪن احتجاج لاءِ آيا ته پوليس کين گرفتار ڪري وئي.پوليس هوائي فائرنگ به ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو