لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان يعني ٽي ايل پي سان ڳالهين لاءِ راجا بشارت ۽ چوڌري ظهير تي مشتمل ٻه رڪني ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا ساڻن ڳالهيون ڪندي. هن ٽوئٽر هينبڊل تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ اهڙو اعلان ڪيو آهي. ٽي ايل پي پنهنجي اڳواڻ سعد رضوي جي آزادي لاءِ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ سندن احتجاج جاري آهي ، هنن اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان به ڪيو هو.










