ٽيڪس لاءِ ڪنهن کي به تنگ نه ڪيو ويندو: محمد اورنگزيب

ٽيڪس لاءِ ڪنهن کي به تنگ نه ڪيو ويندو: محمد اورنگزيب

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٽيڪس لاءِ ڪنهن کي به تنگ نه ڪيو ويندو، نان فائلرز گاڏيون ۽ ملڪيتون خريد نه ڪري سگهندا، اسان کي نان فائلرز لاءِ قانوني ڍڪ گهرجي.واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته هو نان فائلر جو اصطلاح ختم ڪري رهيو آهي.هن چيو ته آمريڪا ۾ اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقاتون مثبت رهيون، اسٽيڪ هولڊرز پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي کي ساراهيو آهي.هن چيو ته سموريون ريٽنگ ايجنسيون چئي رهيون آهن ته پاڪستان صحيح معاشي رخ ۾ وڃي رهيو آهي، ورلڊ بينڪ پاڪستان کي قرض نه ڏيندو، آءِ ايم ايف سان تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته ڪوشش هوندي ته آءِ ايم ايف سان اسان جو آخري پروگرام هوندو، اسان جي قدمن سبب ملڪ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا.محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن آهي، عالمي بئنڪ پاڪستان کي قرض نه ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو