ٽيڪس فراڊ، شريڪ جوابدار جي 100 رپين عيوض ضمانت منظور

ٽيڪس فراڊ، شريڪ جوابدار جي 100 رپين عيوض ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 3 ارب 20 ڪروڙ رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ ڪيس ۾ شريڪ جوابدار شاهد حسين خواجا جي 100 رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت ٽيڪس کاتي جي فوجداري ڪارروائي کي حد کان وڌيڪ قرار ڏئي ڇڏيو.جسٽس بابر ستار عدالتي فيصلي جي ڪاپي چيئرمين ايف بي آر کي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت تفصيلي فيصلي ۾ چيو ته بينڪ جي برانچ مئنيجر کي پاور ڪمپني جي برانچ ۾ اڪائونٽ کولڻ ۾ مدد ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، رياست درخواستگذار کي ٽيڪس فراڊ جي ڏوهه ۾ ملوث ڪرڻ جو ڪو به مواد پيش ناهي ڪيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ٽيڪس کاتي قانون موجب ٽيڪس ادا ڪندڙن کان ٽيڪس جو تعين نه ڪيو، ٽيڪس کاتي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي درخواستگذار کي گرفتار ڪري ورتو، ٽيڪس کاتي درخواستگذار کي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي گرفتار ڪيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڄاڻ باوجود فوجداري ڪارروائي شروع ڪئي وئي.تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪس کاتي فوجداري ڪارروائي شروع ڪري اختيارات کان تجاوز ڪيو، اختيارين جو غلط استعمال ڪيو ۽ درخواستگذار جي وقار ۽ برابري جي آئيني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي. وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾، اختيارين ۽ ٽيڪس اختيارين مقرر ڪيل قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي.عدالت چيو ته اها شرم جي ڳالهه آهي ته ريمانڊ ڏيندڙ مئجسٽريٽ ۽ ضمانت رد ڪندڙ عدالت سيلز ٽيڪس ايڪٽ جي شقن کي نظر ۾ نه رکيو. ماتحت عدالت ٽيڪس کاتي جي بنيادي آئيني حقن جو تحفظ ڪرڻ بدران گمراهه ڪندڙ عملن جي واکاڻ ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو اهو به چوڻ آهي ته فوجداري ڪارروائي جي قانونيت جو سوال هن عدالت آڏو ناهي، عدالت کي اميد آهي ته ٽرائل ڪورٽ ڪارروائي جي قانونيت تي غور ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو