لاهور)ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) بجلي کانپوءِ ٽيڪسٽائيل شعبي لاءِ گئس رعايتي پيڪيج ختم ڪري ڇڏيو آهي.اوگرا ذريعن موجب وفاقي حڪومت 5 ايڪسپورٽ شعبن جي گئس تي 80 ارب جي سبسڊي ختم ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب ٽيڪسٽائل، اسپورٽس، سرجيڪل، چمڙي ۽ جوٽ جي شعبن کي آر ايل اين جي جي سپلائي 9 ڊالر تي ختم ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا پاران منظور ڪيل قيمتون پهرين مئي کان سمورن ايڪسپورٽ سيڪٽرز تي لاڳو ٿينديون، ايڪسپورٽ شعبن کي آر ايل اين جي تي 4 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو اضافي ادا ڪرڻا پوندا، جڏهن ته ايڪسپورٽ سيڪٽر لاءِ گيس في يونٽ هاڻي 13 ڊالر ٿي ويندي. ذريعن موجب سوئي ناردرن پهرين مئي کان سبسڊي واري گئس جي فراهمي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، گئس سبسڊي ختم ٿيڻ سبب ڪيترائي ٽيڪسٽائل يونٽ بند ٿيڻ جو خدشو آهي.ان حوالي سان سوئي ناردرن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گيس جي قيمت بابت فيصلو اوگرا جو آهي ۽ ان تي عمل ڪيو ويو آهي، هن وقت 6 هزار صنعتي گئس ڪنيڪشن آهن ۽ ايڪسپورٽ يونٽن کي 50 سيڪڙو سستي گيس جي فراهمي جاري رهندي.ترجمان جو چوڻ آهي ته سياري جي ٽن مهينن ۾ وڌيڪ بل ڏنا ويندا، نئين نوٽيفڪيشن سان آر ايل اين جي ڪنيڪشن هولڊر متاثر ٿيندا.










