ٽيلي نار به 5 جي جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ زونگ ۽ جيز کانپوءِ ٽيلي نار به 5 جي جو ڪامياب تجربو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پاڪستان ۾ موبائل سروس فراهم ڪندڙ ٽنهي ڪپنين ايندڙ وقت جي جديد هاءِ اسپيڊ ٽيڪنالوجي جو تجربو ڪري ورتو آهي. ان موقعي تي ٽيلي نار جي سربراهه عرفان وهاب خان چيو ته جنهن نموني چين ۽ ملائيشيا جي حڪومت موبائل فون جو ڪاروبار ڪندڙ ڪمپنين کي وسيلا شيئر ڪرڻ ۽ گڏيل تاور لڳائڻ لاءِ فارمولا ٺاهي ڪم ڪرڻ جو پابند بڻايو پاڪستان حڪومت کي به گهرجي ته اهڙو قانون لاڳو ڪيو وڃي. هنن جو چوڻ آهي ته سندن ڪمپني ٽيڪنالوجي جي نئين دنيا ۾ داخل وئي آهي ۽ صارفين کي جديد سهولتون ملنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو